جعفري نواز علي نياز

جعفري نواز علي نياز

نواز علي نياز جعفري

نواز علي نياز جعفري :مشهور شاعر نواز علي ’نياز ‘ جعفري ولد محمد آچر خان 18 آڪٽوبر 1892ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو . پرائمري کان مڊل تائين تعليم مدرسي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان حاصل ڪري ، مئٽرڪ شڪارپور مان پاس ڪيائين . اسڪولي دور ۾ درس و تدريس جي ڪرت کانسواءِ غير نصابي سرگرمين ۾ به ڀرپور حصو وٺندو رهيو ۽ شاعريءَ جي ابتدا به انهيءَ دور ۾ ڪيائين . شاعريءَ ۾ پنهنجو تخلص ’نياز ‘ منتخب ڪيائين . هن پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات استاد طور ڪئي . علامه دائود پوٽي ، خانبهادر محمد ايوب کهڙي ۽ برک علمي شخصيت پناهه علي شاهه جو شمار سندس شاگردن ۾ ٿئي ٿو . نواز علي نياز ڪجهه وقت کانپوءِ ماستريءَ واري ملازمت ڇڏي ڏني . ڪجهه وقت سينٽرل جيل لاڙڪاڻي ۾ جيلر طور نوڪري ڪيائين . تنهن بعد هن روينيو کاتي ۾ ملازمت ڪئي ۽ پنهنجي محنت ۽ قابليت جي آڌار تي مختيارڪار جي عهدي تي فائز ٿيو . 55 سالن جي عمر ۾ ساڳئي منصب تان رٽائر ڪيائين . جعفري '>نواز علي نياز جعفري ، سنڌي ڪافيءَ جو قادر الڪلام شاعر ٿي گذريو آهي . هن اردو ، فارسي ۽ سرائيڪيءَ ۾ به سٺا شعر تخليق ڪيا ، کيس سنڌي ٻوليءَ تي سٺو عبور حاصل هو . هن جي شاعريءَ ۾ لفظن جي بيهڪ نهايت نفيس ۽ من موهيندڙ آهي . گل و بُلبل ۽ عشق جي اسرار وارين رمزن ۾ رچيل شاعريءَ سان هن جو والهانه لڳاءُ هو . نواز علي نياز همعصر شاعرن کان مختلف ۽ نئين رنگ ۾ شاعري ڪئي . هن جي شاعريءَ ۾ انفراديت ۽ جدت جا ڪامياب فني تجربا آهن . نواز علي نياز جي شاعري نصابي ڪتابن ۾ به شامل رهي آهي . درسي پرائمري ڪتاب ۾ سندس نظم ’وطن جي حب ‘ کانسواءِ بي . اي ۽ ايم . اي جي سنڌي نصاب ۾ به سندس شاعري شامل آهي . نواز علي نياز جي شخصيت جا مختلف پهلو هئا ، هيءُ سريلي ۽ پرسوز آواز جو مالڪ هو . محرم الحرام جي ڏينهن ۾ واقعه ڪربلا کي پرسوز آواز وسيلي ذاڪر جي حيثيت ۾ بيان ڪندو هو . خاص طور ڏهين محرم جي رات پري پري کان ماڻهو سندس پرسوز آواز ۾ لولي ٻڌڻ ايندا هئا . شاعريءَ جي ٻين صنفن سان گڏ حمد ، نعت ، منقبت ۽ مرثيا به جاندار ، جامع ۽ اثرائتا لکيائين . هن 12 نومبر 1959ع تي وفات ڪئي . پير حسام الدين راشدي پنهنجي ڪتاب ’هو ڏوٿي ، هو ڏينهن ‘ ۾ سندس تمام گهڻو ذڪر ڪيو آهي .


لفظ نواز علي نياز جعفريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1892.10.18  عيسوي

نواز علي ’ نياز ‘ جعفري ولد محمد آچر خان 18 آڪٽوبر 1892ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو .


1959.11.12  عيسوي

نياز جعفري 12 نومبر 1959ع تي وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آفتاب سومرو
اٽل رام سوامي
داد فتو
مير مراد علي خان ٽالپرعلي
بخشڻ خان چانڊيو
صالح عليه السّلام
چَرڪ
ڄام پراگمل- I
رياض خان استاد:
سڳالچند مڪواڻو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون